حڪيم غلام محمد شاهاڻي

حڪيم غلام محمد شاهاڻي: ناليواري حڪيم ۽ سماجي خدمتگار غلام محمد ولد مولوي عبدالرحيم شاهاڻيءَ، 1939ع ڌاري وينجهاسر، تعلقي ٻاڙمير، راجسٿان (ڀارت) ۾ جنم ورتو. سندس ولادت کان جلد ئي پوءِ سندس والدين وينجهاسر مان هجرت ڪري ساڏوري تعلقي عمرڪوٽ ۾ مائٽن وٽ اچي رهيا. غلام محمد شاهاڻي ابتدائي تعليم ۽ فارسي درس نظامي ڪنريءَ جي مدرسي ۾ مولوي محمد رحيم دل وٽان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ پير ڳوٺ جي مشهور مدرسي ’جامع راشديه‘ مان ڪنز قدوري، تائين پڙهيو. ان کان پوءِ ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌي طبيه ڪاليج ۾ سيد غلام مرتضيٰ شاهه وٽ طب سکي. 1961ع ۾ اچي ساڏوري ۾ حڪمت شروع ڪيائين. ساڏوري ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪرايائين. غريب شاگردن جي اخلاقي ۽ مالي مدد به ڪندو هو. ڇاڇري تائين ٿر ۾ سندس خدمتون قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو